قاتل ٽئنڪر ڊرائيور کي فرار ڪرائڻ جي الزام ۾ ٽريفڪ اهلڪار معطل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ 3 ڄڻن کي ماريندڙ ٽينڪر ڊرائيور کي ٽريفڪ پوليس اهلڪار ڀڄائي ڇڏيو، شهرين جي مزاحمت تي اهلڪار کي معطل ڪيو ويو، گذريل 9 سيپٽمبر واري ڏينهن شام جو قيوم آباد واري علائقي ۾ تيز رفتار ٽينڪر بريڪ فيل ٿيڻ سبب آڏو هلندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو هو جنهن ۾ 3 ڀيڻ ڀاءُ فوت ٿي ويا هئا، ذريعن موجب واقعي بعد مڇريل شهرين ٽينڪر ڊرائيور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو پر ٽريفڪ پوليس ڊرائيور کان رشوت وٺي کيس ان وقت ئي آزاد ڪيو، اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس پي ٽريفڪ سائوٿ نوٽيس ورتو ۽ ملوث اهلڪار خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي جڏهن ته فوري طور تي کيس معطل ڪيو ويو آهي، ايس پي ٽريفڪ جو چوڻ آهي ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اهلڪار کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن آزاد ڪيل ڊرائيور کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو. ياد رهي ته ان حادثي ۾ 8 سالن جي ڀاڻيجي سدره ،26 سالن جو حنين  ۽ 18 سالن جو ذيشان  موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.