کپرو :وارڊ نمبر 4 جي رهواسين جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

کپرو جي وارڊ نمبر 4 جي رهواسين جو 6 ڏينهن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف کپرو ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ، کپري جي قائم خاني ، غريب آباد ، رند ۽ مينگهواڙ پاڙي جي رهواسين  محسن قائم خاني، صابر قائم خاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته انهن جي وارڊ جو 6 ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي جنهن جي تبديل ڪرڻ لاءِ ايس ڊي او واپڊا جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ايس ڊي او ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ بجاءِ رڳو ڏٽا ڏئي رهيو آهي ، ان موقعي تي واپڊا ليبر جي چيئرمين شوڪت قائم خاني مظاهرين وٽ پهچي  ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.