سنڌ ۾ شاگردن کي 10 مهينن جو ڪورس 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرايو ويندو: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) تعليم کاتي 15 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ کان اڳ برسات متاثر علائقن مان اسڪولن جي حالت بابت رپورٽ طلب ڪري  ورتي، اڄ خانگي اسڪول ايسوسيئيشنز سان معاملا طئه ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني صوبي جا هزارين اسڪول بند هجڻ جو اعتراف ڪندي اعلان ڪيو آهي ته اهڙا اسڪول کاتي تي بار آهن،انهن کي اسڪولن واري لسٽ مان ئي خارج ڪيو ويندو، 15 سيپٽمبر کان مرحليوار اسڪول کوليا ويندا، ٻارن جي تعليم لاءِ سياري جون موڪلون ۽ ڇنڇر واري موڪل به ختم ڪئي وئي آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه تعليم کاتي جي فيلڊ توڙي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي آفيسرن سان گڏجاڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،.  ان موقعي تي سنڌ جو تعليم وارو سيڪريٽري احمد بخش ناريجو ، سيڪريٽري ڪاليجز باقر نقوي ، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم آصف ميمڻ ، ڊاڪٽر فوزيه خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.  صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ملڪ ۾ پندرهن سيپٽمبر کان تعليمي ادارن کي مرحليوار کولڻ مشڪل فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪورونا گهٽيو آهي پر اڃا ختم نه ٿيو آهي، ان ڪري خدشو آهي ڪيس وڌي به سگهن ٿا، ان ڪري اسان کي گهڻو احتياط ڪرڻو پوندو، 15 سيپٽمبر تي کلندڙ تعليمي ادارا غيرمعمولي حالتن ۾ کلندا ان ڪري والدين، ٽرانسپورٽر ۽ استادن تي وڏيون ذميواريون هونديون، ڇاڪاڻ ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ تمام ضروري آهي، هن چيو ته ڪيترائي اهڙا والدين آهن، جيڪي پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان لنوائين ٿا، انهن کي پابند نه ڪنداسين، اهي پنهنجي ٻآرن کي آن لائين تعليم به ڏياري سگهن ٿا، اسڪولن جي انتظاميا کي اها اجازت ڏني آهي ته اهي پنهنجي صورتحال تحت اسڪول شفٽ ۾ هلائين يا هڪ ڏينهن هڪڙا ۽ ٻئي ڏينهن ٻيا شاگرد اسڪول گهرائين، پر هر شآگرد هڪ بئنج تي هڪ ويهندو، سينٽلائيزر ۽ ماسڪ ضرور استعمال ڪندو، ان لاءِ 2 هزار استادن کي تربيت ڏني آهي، اڃا 5 هزار استادن کي سکيا ڏينداسين، هن چيو ته تعليمي ڏينهن گهٽجڻ سبب سليبس کي به گهٽائي رهيا آهيون، نئون تعليمي سال 3مئي 2021 کان شروع ٿيندو، نائين ۽ ڏهين جا امتحان 7 کان 17اپريل، يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان 18 مئي کان ٿيندا، هلندڙ تعليمي سال ۾ سياري جون موڪلون ۽ ڇنڇر واري موڪل به ختم ڪئي وئي آهي. ، هن چيو ته برساتن سبب ڪيترا اسڪول متاثر ٿيا آهن انهن جا انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن، ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي انگ اکر ڏين، برسات متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي بحالي جو مسئلو موجود آهي. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪافي خانگي اسڪول بند ٿي ويا آهن، چاهيون ٿا ته اهي کلن، ڇاڪاڻ ته اسڪول نه کلندا ته ٻار سفر ڪندا، خانگي اسڪولن جي مدد لاءِ سرڪار تيار آهي، ان حوالي سان سڀاڻي(اڄ) پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن وارين سان گڏجاڻي ڪندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.