ڪراچي سان زيادتي ٿي رهي آهي، ترقي ڪيئن ڪندو؟ سراج الحق

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي سان زيادتي ٿي رهي آهي، 650 ارب رپين مان رڳو 18 ارب رپيا ڪراچي لاءِ رکيا ويا، اهو شهر ڪيئن ترقي ڪندو؟

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، ٽماٽي بحران کانپوءِ کنڊ جو بحران اچي ويو، حڪومت پوءِ پيٽرول جو بحران شروع ڪري ڇڏيو، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل پاڻي جيان وهي رهيو هو ۽ اسان وٽ ماڻهن کي پيٽرول نه پئي مليو، اٽي جي في ڪلو اگهه ۾ 25 کان 30 رپيا واڌ ٿي آهي، مهانگائي ۽ بيروگاري سبب ماڻهو پاڻ ماري رهيا آهن.

هن چيو ته ڪراچي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي بجيٽ رڳو نالي ماتر رکي وئي، ڪراچي سان زيادتي ٿي رهي آهي، اهو شهر ڪيئن ترقي ڪندو؟ هن حڪومت ۾ ڪراچي سخت تڪليفن ۾ آهي، صدر ڪراچي مان آهي پر ڪم نه پيو ٿئي، عدالت عاليا ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪرڻ جو اشارو ڏنو پر ڪي اليڪٽرڪ سڌارا نه آندا.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جو مسئلو آهي، هتي برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو مناسب نظام ئي ناهي، ٿوري مينهن کانپوءِ شهر ٻڏي ٿو وڃي، ترقي لاءِ 650 ارب رپين مان رڳو 18 ارب رپيا ڪراچي لاءِ رکيا ويا.

سراج الحق چيو ته هن وقت مافياز جي حڪومت آهي، مافياز خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي، وزيراعظم پاڻ چيو ته ملڪ ۾ مافيا آهي، اها مافيا اليڪشن ۾ پارٽين تي انويسٽمينٽ ڪندي آهي، پوءِ اها ڪمائيندي آهي ۽ حڪومت ڪجهه ناهي ڪري سگهندي، حڪومت مافيا کان لُٽيل رقم نٿي وٺي سگهي.

هن چيو ته نيب نظام تباهه ڪري ڇڏيو، ان ڪا رقم ريڪور نه ڪئي، هاڻ عوام به نيب جي احتساب جو مطالبو ڪري رهيو آهي، نيب جي نالي تي بدترين احتساب ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته شفاف چونڊون ئي اڪيلو رستو آهي، قوم غير جانبدار عدليا ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿي، خوشحال پاڪستان لاءِ اهو تمام ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.