ڪورونا وائرس اداڪارا ميرا کي غريب ڪري ڇڏيو، فنڊ وٺڻ تي مجبور

لاهور(ويب ڊيسڪ) لالي ووڊ اداڪارا ميرا به ڪورونا وائرس جي ڪري مالي ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي.

ميرا مالي مدد جي لاءِ لاهور آرٽس ڪائونسل ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ آرٽسٽ سپورٽ فنڊ مان امداد جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ميرا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊي ايڇ اي ۾ پنهنجو گهر آهي ۽ خاندان جا 7 ڀاتي آهن جن جي ڪفالت به ذمي آهي.

خيال رهي ته الحمرا آرٽس ڪونسل هر مهيني ضرورت مند فنڪارن کي سپورٽ فنڊ مان 5 هزار رپين تائين امداد فراهم ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.