سنڌ اسيمبلي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج حملي ۾ شهيد ٿيلن لاءِ دعا

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ پوڻا ٻه ڪلاڪ دير سان ٿيو، اجلاس ۾ ميمبرن پاران اسٽاڪ ايڪسچينج حملي جي شهيدن ۽ زخمين لاءِ دعا گهرائي وئي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو بائيڪاٽ برقرار رهيو،  وڏي وزير مراد علي شاهه ايوان کي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي بابت آگاهه ڪندي چيو ته چئن دهشتگردن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪيو، سموران ماريا ويا، هڪ پوليس آفيسر ۽ ٽي اهلڪار شهيد ٿيا ان تي افسو آهي، پوليس ۽ رينجرز حالتن تي ڪنٽرول ڪيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪاروبار هڪ منٽ به متاثر نه ٿيو.

حملو ڪندڙ هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ سلمان طورٿي وئي

ڪراچي ( رپورٽر) سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽاڪ  ايڪسچينج  تي حملو ڪندڙ هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، هن چيو ته دهشتگرد جي سڃاڻپ سلمان جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو بلوچستان جو رهواسي آهي گاڏي بي اي بي  6299 به ان جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهي، دهشتگردن جي قبضي مان  هٿ ڪيل ڪار پوليس رڪارڊ ۾ ڪليئر آهي..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.