ڄامشورو: جسقم اڳواڻ جاويد شورو جي بازيابي لاءِ مظاهرو

ڄامشورو مان 6 ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن طرفان کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ جاويد شورو اڃان آزاد نه ٿيو ،  وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جاويد شورو جي گرفتاري اڃان تائين ظاهر نه ڪئي وئي آهي  جنهن ڪري سندس وارثن نظير شورو , شاهد شورو , فقير سليم ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جاويد شورو جيئي سنڌ قومي محاذ ( بشير خان )  جو پرامن سياسي ڪارڪن آهي هن جو ڪنهن به ويڙهاڪ تنظيم يا گروه سان ڪو به تعلق نه آهي ،هنن جو  مطالبو ڪيو آهي ته جاويد شورو کي جلد آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

رپورٽ -صدر جوڻيجو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.