مراد سعيد جو بلاول ڀٽو زرداري کي چونڊ وڙهڻ جو چئلينج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير مراد سعيد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مناظري ۽ چونڊ وڙهڻ جو چئلينج ڏئي ڇڏيو.

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس دوران بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي.

پ پ چيئرمين جي تقرير کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته ڀٽو جو اصل وارث زرداري نه فاطمه ڀٽو آهي، فاطمه ڀٽو جو ڪتاب پڙهي ڏسو ته اکيون کلي وينديون.

هن چيو ته اهي دهشتگرد ان کي ئي مڃيندا آهن، جنهن کي آمريڪا چوندو آهي، اهي آمريڪا کان ڊرون حملا ڪرائيندا ۽ هتي مذمت ڪندا آهن.

سندس چوڻ هو ته عمران خان جنهن سمارٽ لاڪ ڊائون جو وزن ڏنو، اڄ پرڏيهي به ان جو اعتراف ڪري رهيا آهن.

مراد سعيد پ پ چيئرمين کي چئلينج ڏيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري مناظرو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري، جتي چاهي، جنهن وقت چاهي بحث لاءِ تيار آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته بلاول ملڪ جي ڪنهن به تڪ مان چونڊ وڙهي، سندس مقابلي لاءِ تيار آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.