اذان بابت تڪراري ٽوئيٽ جاويد اختر کي ڳچيءَ پئجي ويو

ڀارت جي مشهور اسڪرپٽ رائيٽر ۽ شاعر جاويد اختر اذان بابت هڪ تڪراري ٽوئيٽ ڪيو جنهن تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

ڀارتي اسڪرپٽ رائيٽر گذريل ڏينهن لائوڊ اسپيڪر تي اذان ڏيڻ بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ تي هڪ ٽوئيٽ ڪيو.

 

جاويد اختر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ڀارت ۾ تقريبن 50 ورهين تائين لائوڊ اسپيڪر تي اذان ڏيڻ حرام هو، ان کان پوءِ حلال ٿي ويو ۽ ايتري قدر حلال ٿيو جو ان جي ڪا حد ئي نه رهي.

هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اذان ڏيڻ ٺيڪ آهي پر لائوڊ اسپيڪر تي اذان ڏيڻ سان ٻين کي پريشاني ٿيندي آهي.

جاويد اختر جي ان ٽوئيٽ تي کيس واهپيدارن طرفان ڇتي  تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.