دادو پوليس ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي، گھرن تي چڙهائي، تشدد، ٻارڙو قتل، وارثن جو ڌرڻو

دادو (رپورٽ: عزيز احمد ملڪ ) دادو ويجهو ڳوٺ سيد لطف شاهه ۾ پوليس بيگاهه وقت ۾ ايس ايڇ او فريد آباد عبدالمجيد بروهي سيد برادري جي مبينا طور گهرن ۾ داخل ٿي گهرن اندر مبينا طور داخل ٿي چوديواري جو تقدس پائيمال  ڪندي ٻارڙن جي مٿان تشدد ڪيو آهي نتيجي ۾ معصوم  ٻارڙو سيد باقر حسين شاهه پڻ زخمي ٿيو هيو جيڪو  فوت ٿي ويو اهڙي  عمل جي خلاف برادري جي سيد سرور شاهه، سيد صابرشاهه ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ فريد آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالمجيد بروهي پاران اسان جي زمين تي قبضو ڪندڙ پنهور برادري جي بااثرن جي ونگار وهندي اسان جي گهرن حويلين جي چادر چوديواري جو تقدس پائيمال ڪندي گهرن ۾ گهڙي مردن عورتن تي سخت  تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ منهنجو ڀاڻج هڪ مهيني جومعصوم  ٻارڙو سيد باقر حسين شاهه پڻ زخمي ٿيو هيو جيڪو پڻ وفات ڪري ويو، وارثن معصوم فوتي جو لاش کڻي فريدآباد پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي  چيو ته پوليس اسان جي لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏيو آهي ايس ايس پي به اسان جي ٻڌڻ جي لاءِ تيار نه آهي  هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ايس ايڇ او فريدآباد جي ظلمن ڏاڍاين جو نوٽيس وٺي سيد برادري سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.