”شريف هوائي فائرنگ ڪري وزير اعظم کي پنهنجي هدف تان نٿا هٽائي سگهن“

گجرانوالا(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شريف خاندان هوائي فائرنگ سان ٽارگيٽ ڪري وزير اعظم کي پنهنجي هدف کان نٿي هٽائي سگهي.

گجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته هَٺَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ وزير اعظم جي بغض ۾ اسان کان هڪ سال جي حڪومت جو جواب گهن ٿا، ماضي ۾ ڪيمپ آفيسز کي منبي لانڊرنگ جو ذريعو بڻايو ويو ۽ مني لانڊرنگ جو پيسو ٽي ٽيز جي ذريعي پرڏيهه موڪليو ويو، ماضي ۾ ڪيش بوائز کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون.

هي به پڙهي سگهو ٿا:فردوس عاشق اعواڻ شهباز شريف کي ڪٺ پتلي قرار ڏئي ڇڏيو

خاص مددگار چيو ته شريف خاندان هوائي فائرنگ سان وزير اعظم کي پنهنجي هدف کان هٽائي سگهي، عمران خان جي ايجنڊا ڪامياب ٿي رهي آهي، ڪرپشن جي عجيب ڪهاڻين جا سوال شهباز شريف جو پيڇو ڪري رهيا آهن، ن ليگ ترجمانن 18 سوالن جا جواب ناهن ڏنا، سلمان شهباز شريف ۽ حسن ۽ حسين نواز پاڪستان ۾ اچي جواب ڏين، مريم نواز جي درخواست قانون جي موجب فيصلو ڪندي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي حوالي سان فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري سياسي نابالغ آهي، آصف زرداري جون 8 پراپرٽيون ضبط ڪيون ويون آهن ۽ اڃان به هن جي خلاف 20 انڪوائريون جاري آهن.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/2zMUMcLlz5B8jnRMoitnpX

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.