نوازشريف علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي راضي

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ن ليگ جي تاحيات قائد نوازشريف جي علاج لاءِ قائم ميڊيڪل بورڊ هن جي ٻاهرين ملڪ علاج جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، خاندان به ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ نوازشريف کي راضي ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي پليٽ ليٽس ۾ گهٽتائي جي اڃا تائين تشخيص نه ٿي سگهي،قانوني مونجهارا ختم ٿيڻ کانپوءِ نوازشريف علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويندو، هوڏانهن ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ هاڻي هن جي خون ۾ پليٽ ليٽس جو انگ وڌيڪ گهٽجي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.