پي آءِ اي بنا مسافرن جي جهاز اڏائڻ شروع ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) باڪمال ماڻهو لا جواب سروس جي دعويٰ ڪندڙ قومي ايئر لائن ۾ بدانتظامي جي ڪري قومي ناڻي کي 18 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ نقصان رسائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

آڊيٽر  جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي انتظاميا جي غفلت بابت اهم انڪشاف سامهون آيا آهن ته هڪ سال دوران 46 اڏامون بنا مسافرن جي روانيون ٿيون جنهن جي ڪري قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي آڊٽ دوران اِها ڳالهه سامهون آئي ته سال 2017-2016  جي لاءِ 46 اهڙيون اڏامون آپريٽ ٿيون جنهن ۾ ڪو به مسافر موجود نه هو.

ان کان سواءِ حج ۽ عمري جي لاءِ اهڙيون 36 اڏامون هيون، جن کي بنا مسافرن جي اڏايو ويو.

آڊٽ رپورٽ ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي ته بنا مسافرن جي انهن اڏامن جي ڪري قومي ناڻي کي 18 ڪروڙ 40 لک رپين جو نقصان ٿيو، اهڙي ريت گڏيل طور تي انهن اڏامن جو انگ 82 آهي.

ڄاڻايل رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو ته بنا مسافرن جي اڏامن جو آپريٽ ٿيڻ مڪمل منصوبابندي جو فقدان ۽ انتظاميا جي بد انتظامي کي ظاهر ڪري ٿو.

گڏوگڏ ئي اِهو به چيو ويو ته ان معاملي بابت انتظاميا کي آڪٽوبر 2018ع ۾ رپورٽ ڪيو ويو پر ڪو به جواب نه ڏنو ويو.

ان کان سواءِ ان رپورٽ ۾ اِها تجويز به ڏني وئي ته معاملي جي جاچ ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ان کان سواءِ انهن دستاويزن ۾ آڊيٽر جنرل جنرل منيجر پي آءِ اي نيٽ ورڪ اينڊ شيڊول جو ذميوار قرار ڏنو ۽ چيو ته آپريٽنگ پلان جي نگراني ۽ ان کي ڊيزائن ڪرڻ جي ايم ۽ ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ جي ذميواري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.