ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالين جي ذميواري قبول ڪري..!

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس ميمبر راشده طليب ڀارتي حڪومت تي زور ڏيندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ذميواري قبول ڪري.

آمريڪي ڪانگريس ميمبر راشده طليب ٽوئيٽ ڪندي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت طرفان 40 ڏينهن کان لاڳو ڪيل ڪرفيو جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت تي زور وجهان ٿي ته هو والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ذميواري قبول ڪري ۽ ذميوارن کي سزا ڏني وڃي، وادي ۾ لاڳو ڪرفيو ۽ مواصلاتي ذريعن تان پابندي هٽائي وڃي ته جيئن والاريل ڪشمير جي اصل صورتحال واضح ٿي سگھي.

راشده طليب مودي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪرڻ جي به مذمت ڪندي چيو ته آئون آرٽيڪل 370 ۽ آرٽيڪل 35 اي جي رد ٿيڻ جي سخت مذمت ڪيان ٿي جنهن سبب وادي ۾ مواصلاتي ذريعن تي پابندي لڳائي وئي آهي، زندگي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ وڏي پيماني تي انساني حقن جي پامالي جاري آهي.

موصلاتي ذريعن تي پابندي جو مطلب رڳو اهو نه آهي ته ڪشميري پنهنجي خاندان وارن سان رابطي ۾ ناهن پر ان جو مطلب اهو آهي ته وادي ۾ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ عوام کي بنيادي طبي سهولتون به فراهم ناهن.

هن چيو ته رپورٽون ٻڌائن ٿيون ته ٽئي هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي پبلڪ سيفٽي ايڪٽ جي ڪاري قانون تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. جن ۾ ٻار، وڪيل، ڊاڪٽر، حريت اڳواڻ، مذهبي اڳواڻ ۽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.