نريندر مودي هڪ ڀيرو وري وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو ….!

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي عام چونڊن جو آخري مرحلو ختم ٿيندي ئي ايگزٽ پولز جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته مودي وري اقتدار ۾ اچي سگهي ٿو.

 

ڀارتي چونڊن ۾ گذريل ڏينهن آخري مرحلي ۾ اٺ رياستن جي 59 سيٽن تي ووٽنگ ٿي.

 

ڀارتي ميڊيا چونڊ مرحلا ختم ٿيندي  ايگزٽ پول جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ سندس اتحادين جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

 

ڀارتي ميڊيا موجب هندي بيلٽ جي رياستن مان بي جي پي جي 2014ع جي طرز تي هڪ ڀيرو وري ڪاميابي جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.

 

ميڊيا رپورٽن موجب اولهه بنگال ۾ ممتا بئنرجي جي قلعي ۾ به ڏارن جا آثار نظر اچي رهيا آهن، جنهن کان پوءِ چٽو امڪان آهي ته نريندر مودي هڪ ڀيرو وري ڀارت جو وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو.

 

ايگزٽ پول موجب ڀارتيه جنتا پارٽي 300 کان وڌيڪ سيٽن سان پهرين جڏهن ته انڊين نيشنل ڪانگريس ٻئين نمبر رهندي.

 

واضح رهي ته ڀارتي اليڪشن ڪميشن ستن مرحلن ۾ ٿيندڙ چونڊ نتجين جو اعلان 23 مئي تي ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.