”دنيا ۾ هر ڏهون ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور“

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسيف موجب سڄي دنيا ۾ 152 ملين ٻار جبري پورهئي تي مجبور آهن.

يونيسيف جي هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جو هر ڏهون ٻار يا ٻارڙي جيئرو رهڻ يا وري گهرڀاتين جي مدد ڪرڻ لاءِ مزدوري ڪندو آهي.

يونيسيف طرفان سڀاڻي اربع ڏينهن ٻارن جي پورهئي خلاف عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته متاثر ٻارن مان 50 سيڪڙو ڪم جي خراب حالتن کي منهن ڏيندا آهن، جڏهن ته انهن جو جسماني استحصال به ڪيو ويندو آهي.

رپورٽ موجب اهڙن ٻارن جو سڀ کان وڏو انگ آفريڪا ۽ ايشيا ۾ آهي.

You might also like