جيڪب آباد: صلعي انتظاميا پاران غريب پورهيتن لاءِ بچت بازار لڳائي وئي

جيڪب آباد۾ ضلعي انتظاميه پاران کاڌ خوراڪ جي سامان جي مد ۾ رليف پهچائڻ لاءِ سيشن ڪورٽ ڀرسان رمضان بچت بازار لڳائي وئي جنهن ۾ اٽي، گيهه، کنڊ، چانورن سميت کاڌي پيتي جي مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا، رمضان بچت بازار مان سوين پورهيتن سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي سامان جي خريداري ڪئي . جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ  مختيارڪار غلام عباس سڌايو، ابوبڪر سڌايو ۽ ٻين رمضان بچت بازار تي پهچي لڳايل اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ ريٽ لسٽون پڻ چيڪ ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.