ڏهرڪي مان مان گم ڪيل نوجوان آزاد نه ٿيو، وارثن جو پوليس خلاف ڌرڻو

ڏهرڪي ( رپورٽ:  اجيت ڪمار   ) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ دين محمد ڀيو جي ڳوٺاڻن داد لغاري پوليس جي زيادتين ۽ نوجوان گل حسن ملڪ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارث عورتن ۽ مردن ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان گل حسن ملڪ جي پيرسن پيءُ مٺو ملڪ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان جو برادري جي ماڻهن سان زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن بعد داد لغاري پوليس اسان جي مخالفن کان لکين روپيا رشوت وٺي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، جنهن بعد پوليس جي اهڙي ناانصافين خلاف سندس پٽ گل حسن ملڪ داد لغاري پوليس خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن تان داد لغاري پوليس گل حسن مٿان مڇريل پئي  عدالت ۾ حاضري ڏيڻ آيو ته داد لغاري پوليس کيس ڪورٽ سامهون شهرين آڏو مارڪٽ ڪندي کيس کنڀي وئي هئي پٽ کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماري نه ڇڏي،  ايس ايس پي گهوٽڪي داد لغاري پوليس جي زيادتين جو نوٽس وٺي گم ڪيل گل حسن ملڪ جي   گرفتاري ظاهر ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.