آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ، ڪوهلي پوزيشن برقرار نه رکي سگهيو، بابر نمبر ون

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، بابر اعظم  جي بيٽرز جي فهرست ۾ پهرين پوزيشن تي برقرار آهي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل تازي رينڪنگ موجب قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 887 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي موجود آهي.

ڏکڻ آفريڪي بيٽرز ون ڊر ڊوسن ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ترتيبوار ٻئين ۽ ٽين پوزيشن تي موجود آهن.

آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر ۽ پاڪستان جي امام الحق جي ترتيبوار چوٿين ۽ پنجين پوزيشن آهي جڏهن ته شُڀمَن گِل ٻه درجا ترقي ڪندي ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي.

آءِ سي سي رينڪنگ موجب ورات ڪوهلي هڪ درجو هيٺ ڪِرندي ستين نمبر تي هليو ويو آهي جڏهن ته اسٽيو سمت رينڪنگ ۾ هڪ درجو وڃائڻ بعد اٺين نمبر تي هليو ويو آهي.

ون ڊي رينڪنگ ۾ روهت شرما ٻه درجا ترقي ماڻي نائين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.

بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارتي بالر محمد سراج ڪيوي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ کان پهرين پوزيشن کسي نمبر هڪ بالر بڻجي ويو آهي جڏهن ته بولٽ ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي.

آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ جو ان فهرست ۾ ٻيو نمبر آهي جڏهن ته قومي ٽيم جو اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي رينڪنگ ۾ اٺين نمبر تي آهي.

ون ڊي آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته افغانستان جو  محمد نبي ٻئين ۽ بنگلاديش جو  مهدي حسن ٽين پوزيشن تي موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.