سنڌ سرڪار نوڪري لاءِ عمر جي حد وڌائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد 28 سال مقرر آهي، 28 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو اهل هجڻ جي باوجود به سرڪاري نوڪري حاصل نه ٿا ڪري سگهن پر هاڻ سنڌ حڪومت ان قانون ۾ سختي ختم ڪندي سرڪاري نوڪري جي خواهشمند وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ 15 سالن تائين رعايت ڏئي ڇڏي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ حڪومت پاران سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد  واڌ بعد 43  سالن جي عمر وارا اميدوار به سرڪاري نوڪري لاءِ اهل ٿي ويا آهن.واضح رهي ته عمر ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن  30 جون 2024 تائين لاڳو رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.