ڪراچي: سمنڊ مان ڊاڪٽرياڻي جو لاش ملڻ جو معاملو، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوان انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 8 جنوري تي ڪراچي جي سمنڊ مان وٽرنري ڊاڪٽرياڻي جو لاش ملڻ جي معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

وٽرنري ڊاڪٽرياڻي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوان انڪشاف سامهون آيا آهن، جنهن موجب ڇوڪري جي جسم جي مختلف حصن تي ڌڪن جا نشان آهن.

پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽرياڻي جي اکين، نڪ، چپن ۽ کڙين تي نشان آهن.

رپورٽ موجب سمنڊ مان هٿ آيل لاش 12 ڪلاڪ به پراڻو نه هو، ڇوڪري جي جسم تي موجود سمورا ڌڪ موت کان اڳ جا آهن، جڏهن ته جسم جي ڪا به هڏي ڀڳل نه هئي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ سي ويو تي فرحان پارڪ ڀرسان ڊاڪٽرياڻي سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو هو، پوءِ ٽوٻن سندس لاش ڪڍيو هو.

پوليس ڇوڪري جي پيءَ جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ فريادي چيو ته ڌيءَ ڊاڪٽر شان سليم ۽ بسما سبب آپگهات ڪيو.

پوليس ڪارروائي ڪندي ڊاڪٽر شان کي گرفتار ڪري ورتو ۽ جاچ دوران هن فوتڻ سان جنسي لاڳاپن جي تصديق ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.