ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 117 واقعا ٿيا، 110 ڏوهاري گرفتار: جاويد عالم اوڍو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 117 واقعا ٿيا.  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو اربع ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي 24 ڪلاڪن ۾ ٿيل ڏوهن جي وارڌاتن بابت رپورٽ اماڻي، جنهن موجب شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 117 واقعا ٿيا جن ۾ 44 موبائل فون/ روڪ رقم ڦر، 6 ڪارون ۽ 55 موٽرسائيڪلن  جي چوري  شامل آهي. ڦر دوران مزاحمت تي اسٽريٽ ڪرمنل 4 ڄڻن کي زخمي ڪيو، جن مان هڪ ڄڻو شان ولد اسلم کي بوٽ بيسن ضلع ڏکڻ ۾، ٻيو دانش ولد عابد کي شاهراهه نوجهان ضلع سينٽرل، ٽيون ايس آءِ شڪيل ۽ ايس آءِ جاويد کي ضلع سينٽرل ۾ جڏهن ته چوٿون واقعو رفاقت ولد منور کي عوامي ڪالوني ضلع ڪورنگي ۾ نشانو بڻايو ويو. . سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس اسٽريٽ ڪرمنلز/ چورن سان 5 مقابلا ڪيا جن ۾ 13 اسٽريٽ ڪرمنلز/ چور زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا ۽ 13 جوابدار موقعي تان پڪڙيا ويا. شهر ۾ پوليس 24 ڪلاڪن ۾ 110 جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن ۾ 38 اسٽريٽ ڪرمنل/چور، 22 جوابدار غير قانوني هٿيار رکڻ، هڪ ڀتاخوري، 9 منشيات وڪرو ڪرڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 34  ٻيا جوابدار شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي پوليس سڄي ڏينهن ۾ 6 ڪار لفٽرن کي گرفتار ڪيو. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته سرچ آپريشن دوران 22 غير قانوني پستول، 2 ڪلو چرس، 5 موبائل فون، هڪ ڪار سميت 15 چوري ٿيل گاڏيون ۽ 14 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير سٽي پوليس کي هدايت ڪئي ته ڪومبنگ آپريشن جاري رکيو وڃي ۽ اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آندو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.