`دادو ۾ بدامني وڌي وئي: دڪاندار کان مبينا طور لکين رپيا ڦر

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) دادو شهر جي چاندني چوڪ تي هٿياربندن دوڪاندار کان مبينه طور 5 لک 40 هزار روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا، موٽر سائيڪل سوار هٿياربند حبيب بينڪ جي ڊوائس هولڊر لکمير ملاح کان هٿيارن جي زور تي رقم ڦر ڪئي، اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل، متاثر لکمير ملاح ٻڌايو ته بينڪ مان روڪ رقم ڪڍرائي دوڪان تي وڃي رهيو هئس ته پيڇو ڪندڙ 2 موٽر سائيڪل سوار هٿياربند هٿيارن جي زور تي 5 لک 40 هزار روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا، حبيب بينڪ دادو برانچ جو ڊوائيس هولڊر آهيان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم مستحق عورتن کي ڏيندو آهيان ايس ايڇ او اي سيڪشن اشفاق منگي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته متاثر ٿاڻي تي ڦر جي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ڦر واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.