پنجاب جي خانپور ڪٽورا ۾ پوليس مقابلو، ٻه ڏوهاري مارجي ويا

ڏھرڪي ( رپورٽ:  اجيت ڪمار  ) رحيم يار خان جي ضلعي خانپور ڪٽورا ڀر سان ظاهر پير روڊ تي شهري کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته اطلاع تي ايس ايڇ او خانپور ڪٽورا ڄام اعجاز ۽ ڊي ايس پي الله يار سفي سان گڏجي پوليس اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي ناڪابندي ڪئي ته ان دوران ڏوهارين جو پوليس سان مقابلو ٿي پيو جنهن بعد مقابلي دوران شهري کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ٻئي ڏوهاري مارجي ويا جنهن بعد مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ظفر عرف ظفري چانڊيو ۽ زاهد گوپانگ طور ڪئي وئي آهي ترجمان موجب پوليس ڏوهارين وٽان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ 2 عدد پسٽل هٿ ڪييو ويو آهي پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين ظفر عرف ظفري چانڊيو مٿان 54 کان مٿي ۽ زاهد گوپانگ مٿان 39 کان مٿي سنگين ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.