رتوديرو: سينيئر سول جج پاران تعليم جو معيار پرکڻ لاءِ مختلف اسڪولن جو دورو

عوامي آواز رپورٽ
رتوديرو: سينيئر سول جج پاران تعليم جو معيار پرکڻ لاءِ مختلف اسڪولن جو دورو
عوامي آواز رپورٽ رتوديرو: سينيئر سول جج پاران تعليم جو معيار پرکڻ لاءِ مختلف اسڪولن جو دورو

 

رتوديرو ۾ سنڌ هاءِ ڪوٽ جي ۽ سيشن جج جي حڪم تي سينيئر سول جج محمد علي رڪ مختلف پرائمري اسڪولن جا دورا ڪري تعليمي صورتحال جو جائزو ورتو.

سينيئر سول جج محمد علي رڪ تعليم کاتي جي آفيسر عبدالرشيد چانڊيو سان گڏجي بوائز پرائمري اسڪول نور آباد جي دورو ڪيو جتي اسڪول کي تالا لڳل هئا.

ان موقعي تي سينيئر سول جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسڪول وقت منجهند ڏيڍ وڳي تائين آهي، جڏهن ته اسڪول انتظاميا 12 وڳي اسڪول کي تالا هڻي غائب ٿي وئي.

تعليم کاتي جي عملدار يقين ڏياريو ته وقت کان پهريان اسڪول بند ڪري ويندڙ استادن خلاف سخت قدم کنيا ويندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.