عمران لاءِ هڪ ئي جواب آهي، “پاس ڪر نه ته برداشت ڪر”: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م د) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بلف ماسٽر آهي، عمران خان جي شهباز شريف جي خلاف بيان جو هڪ ئي جواب آهي، پاس ڪر نه ته برداشت ڪر، جنهن جا پنهنجا اعصاب نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي خوف ۾ جڪڙيل هجن، اهو ڪهڙي حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو؟ ڪالهه اڱاري ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته عمران صاحب مريم نواز کي جيل ۾ وجهي سوچيو ڊيڄاري ڇڏيندو پر اُن جي ابتڙ هُو پاڻ مريم نواز جي ڊپ ۽ خوف ۾ اڄ تائين مبتلا آهي، شهباز شريف جي ٻاهرئين ملڪ دورن جي دوران واقعي توهان جي جان کي خطرو آهي، ڊاڪٽر پاڻ وٽ رکو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.