حسن علي جي زال جون اهي تصويرون جن تي سوشل واهپيدار ڪاوڙجي پيا !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي ۽ سندس زال جون تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ مٿن تنقيد ڪئي وئي آهي جڏهن ته مداحن حمايت ۾ به تبصرا ڪيا آهن.

حسن علي تازو زال سامعه آرزو سان سوشل ميڊيا تي تصويرون شيئر ڪيون هيون جن تي ماڻهن سندن تعريف ڪرڻ بدران تنقيد ڪئي ۽ سندس زال کي شرم جو درس ڏنو.

حسن علي زال سامعه آرزو سان اترين علائقن جي سير تي ورتل تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ سندس زال کي پهريل لباس ماڻهن کي نه وڻيو.

واهپيدارن تبصرا ڪندي ٻنهي کي شرم ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ سخت لفظن جو استعمال ڪيو.

ماڻهن جي تنقيد بعد ڪرڪيٽر جا مداح به سامهون آيا جن تصويرن کي ري ٽوئيٽ ڪندي ناڪاري ماڻهن جي تبصرن تي ڌيان نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

گهڻن ماڻهن حسن علي ۽ سندس زال جي تعريف پڻ ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.