ايف بي آر جا چار آفيسر جعلي ٽيڪس ريفنڊز اسڪينڊل ۾ ملوث

اسلام آباد (م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ان لينڊ روينيو سروس جا چار وڏا آفيسر ڪروڙين روپين جي جعلي ٽيڪس ريفنڊز اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وفاقي ٽيڪس محتسب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو نوٽيس ذريعي ڪيل جاچ موجب ايف بي آر جي ان لينڊ روينيو جا گريڊ 21 جا آفيسر ۽ چيف ڪمشنر ڪارپوريٽ ٽيڪس آفيس لاهور چوڌري محمد طارق جيڪو هن وقت ايڊيشنل ڪمشنر آئي آر مقرر هو، گريڊ 21 جو ميمبر بي نامي ايڊ جيوڪيٽنگ اٿارٽي سيد نديم حسين رضوي جيڪو هن وقت چيف ڪمشنر سي آر ٽي او لاهور مقرر هو ۽ هن وقت جي ڪمشنر سي آر ٽي او لاهور گريڊ 21 جي آفيسر ڊاڪٽر سرمد قريشي ۽ هن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر آءِ آر اشفاق احمد چارئي آفيسرز گڏيل طور تي 12 ڪروڙ 33 لک 64 هزار روپين جي جعلي ٽيڪس ريفنڊز ۾ ملوث آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.