قمبر ۾قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاهي جي سزا

قمبر ( ت ر) قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عابد مگسي کي ڦاهي ۽ 5 لک  ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جوابدار هڪ سال اڳ زمين جي مالڪي تان لعل بخش مگسي کي قتل ڪيو هو جنهن جي قتل جي ايف آئي آر مقتول جي پٽ ڪامران مگسي جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي شهدادڪوٽ تي داخل ڪئي وئي هئي جنهن جي اڄ ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ جوابدار کي ڦاهي ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي سزا ٻڌايل جوابدار کي سينٽرل جيل لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.