ڊجيٽل آدم شماري وفاق ۽ صوبن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندو:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آل پارٽيز ڪانفرنس تي رد عمل ظاھر ڪندي چيو آهي ته مخصوص  ايجنڊا واري ڊجيٽل آدم شماري کي رد ڪيون ٿا.جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته آدم شماري 10ھين سال ۾ ٿيڻي ھئي، ڇهين سال ۾ ڪرائڻ سازش آھي، پيپلز پارٽي سي سي آءِ ۾ ٻيھر آدم شماري ڪرائڻ جو مطالبو ڇو ڪيو؟.هن چيو ته ڊجيٽل آدم شماري جي پھرئين ڏينھن ئي  ٽيبليٽس ۾ خاميون ظاھر ٿي ويون. غلط آدم شماري جي بنياد تي ھي وسيلن ۽ سياسي نمائندگي تي ڌاڙي جو منصوبو آھي. اياز لطيف چيو ته پاڪستان کي ھڪ نئين اقتصادي، آئيني ۽ سماجي چارٽر  جي ضرورت آھي. سوچيو وڃي ته لاھور ۾ جيڪو ڪجهھ ٿي رھيو آھي، ان سان ٻين صوبن کي ڪھڙو پيغام ملي رھيو آھي، ڪجهھ ڌريون غير قانوني پرڏيھين کي سنڌ ۾ مستقل آباد ڪرڻ چاھين ٿيون. غير قانوني پرڏيھي رجسٽرڊ ڪرائي ڊيموگرافڪ تبديلي جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ جا لکين ماڻھو احتجاج ڪري رھيا آھن. اياز لطيف چيو ته اڌ سنڌ ٻڏي پئي آھي، 2 ڪروڙ ماڻھو پنھنجي ڳوٺن کان پري آھن، اھي ڪيئن ڳڻپ ۾ ايندا؟ پيپلز پارٽي اقتدار جي مفادن لاءِ 18هين ترميم تان هٿ کڻي وئي آهي، ماضي ۾ به سنڌ جي 8 ڪروڙ آبادي کي رڳو 4 ڪروڙ ڳڻيو ويو. آدم شماري ۾ ھيرا ڦيري وفاق ۽ صوبن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندو.هن چيو ته مخصوص گروپن جون سيٽون وڌائڻ لاءِ سازش ڪئي پئي وڃي، آدم شماري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آھي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت تڪڙ ۾ آدم شماري ڪرائڻ ۾ بدنيتي سان ڪم وٺي رھي آھي. ٻوڏ متاثرن جي آبادڪاري کان سواءِ آدم شماري ۽ پناهگيرن کي شامل ڪرڻ  سنڌ خلاف سازش آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.