”مڪي آرٿر کي فارغ ڪيو وڃي“

 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ ماضي جي عظيم ڪپتان ماجد خان جي پٽ بازيد خان چيو آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مسئلي جو حل مڪي آرٿر جهڙو هاءِ پروفائل ڪوچ نه آهي.

مانچسٽر ۾ انٽرويو دوران بازيد خان جو چوڻ هو ته لو پروفائيل ڪوچ ئي پاڪستاني ڪرڪيٽ جي ضرورت آهي، پشاور زلمي جو عبدالرحمان يا ان جهڙا ئي ڪوچ آندا وڃن، لو پروفائيل ڪوچ آندو وڃي، جيڪو پي سي بي ۽ ميڊيا کي جوابده هجي ۽ جنهن کي نوڪري وڃڻ جي ڳڻتي نه هجي، جنهن جو پيٽ ڀريل آهي اهو گھڻو کائيندو ته بد هاضمو ٿي ويندس.

هن چيو ته لو پروفائيل ڪوچز جوابده هوندا، نوڪري وڃڻ سان هنن کي ڪو به فرق نه پوندو، جڏهن ته وڏن ڪوچز کي ٻي نوڪري ملي ويندي آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مسئلي جو حل لو پروفائيل ڪوچ ئي آهي، ڇو جو غير معروف ڪوچ ميڊيا کي به جوابده هوندو ۽ بورڊ به اهڙي شخص کي احتساب لاءِ سامهون آڻيندو.

بازيد خان موجب ورلڊ ڪپ کان پوءِ هاڻي مڪي آرٿر کي وڌيڪ چانس ڏيڻ درست نه آهي، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته مڪي آرٿر ايندڙ سال ٽيم کي پيرن تي بياريندو ته اهو درست نه آهي، آرٿر جي دور ۾ ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيم ڏکيائين جو شڪار رهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ايندڙ ڪجهه سالن جي پلاننگ ورلڊ ڪپ 2023ع کي سامهون رکي ڪئي وڃي، اهو ڏسڻ گھرجي ته نئون ڪوچ آڻڻ سان ڪهڙو ويزن تبديل ٿيندو، حسن علي، شاداب خان ۽ فخر زمان پاڪستان کي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کٽرائي پر گذريل ٻن سالن کان ٽنهي جي ڪارڪردگي نه هئي.

سندس چوڻ هو ته اسان ورلڊ ڪپ ۾ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ جي پوزيشن ۾ نظر آياسين، ورلڊ ڪپ کان پوءِ اهڙيون تبديليون آنديون وڃن، جيڪي هوا جو تازو جهوٽو ثابت ٿين، هاڻي نئين تبديلي اڻٽر آهي.

هن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي حڪمت عملي کي ڇرڪائيندڙ قرار ڏيندي چيو ته 4 سالن کان ورلڊ ڪپ جي پلاننگ جو راڳ ڳائيندا رهياسين، اسان کي ٽيم جي ڪارڪردگي ان وقت نظر آئي، جڏهن ٽيم شروعاتي ٽن ميچن ۾ شڪست کاڌي، روز روز ورلڊ ڪپ جي پلاننگ تي روئڻ ۽ تبديلي جون ڳالهيون ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهن، هن وقت اسان جو سسٽم يقين ڪرڻ جوڳو ناهي پر مون کي نئين سسٽم تي به ڪجهه خدشا آهن، ڪمزور بنيادن تي بيٺل فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي، ڊپارٽمينٽس رانديگرن کي مالي سهولتون فراهم ڪيون ويون پر اهو نظام 1997ع کان ڪمزور هو.

بازيد خان چيو ته اسان هر ورلڊ ڪپ کان پوءِ سوچيندا آهيون ته تبديلي ايندي پر ظاهر آهي ته اهڙي ڪا به تبديلي ناهي ايندي، اسان چار سال ورلڊ ڪپ جي تياري ڪئي ۽ ورلڊ ڪپ کان اڳ آسٽريليا، ڏکڻ آفريقا ۽ انگلينڊ کان ون ڊي سيريز ۾ شڪست کاڌي، ٽيم جي حڪمت عملي جو حال اهو آهي جو ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز، ڀارت ۽ آسٽريليا کان هارائي اسان پنهنجو وننگ ڪامبينيشن ٺاهيو.

سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو گھڻو مضبوط آهي، اهو درست آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ جي موجوده ڍانچي مان وڏا وڏا رانديگر آيا پر هاڻي ان ڍانچي ۾ تبديلي اڻٽر ٿي وئي آهي، فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ پئسو لڳائڻ جي ضرورت آهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو هن وقت جيڪو ڍانچو آهي، ان مان اهو لڳي رهيو آهي ته ڪنهن ريسرچ ناهي ڪئي، مون کي نئين نظام تي ڪجهه خدشا آهن، پاڪستان جي آبادي جي حساب سان ڇهه ٽيمون گھٽ آهن، آسٽريليا لاءِ ڇهه ٽيمون ٺيڪ آهن. اسان کي دنيا جي ٻين ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ ملڪن جي برابر اچڻو پوندو.

واضح رهي ته بازيد خان وڏي ڪرڪيٽ ڪٽنب سان واسطو رکي ٿو، جنهن جا ٽئي نسل پيءُ ۽ ڏاڏو به ٽيسٽ ڪرڪيٽر رهيا.

You might also like