” مستقبل بابت ڳڻتي نه ڪريو، الله تي يقين رکو“ ثانيا مرزا جو پيغام

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا مستقبل بابت پريشان ٿيندڙ ماڻهن کي آٿت ڏيندي اهم پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
ويجهڙ ۾ ثانيا مرزا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽي تي اسٽوري اَپ ڊيٽ ڪئي جنهن ۾ هن مستقبل جي غيريقيني صورتِحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي ڪارائتيون صلاحيون ڏنيون.
هن لکيو ته مستقبل جي ڳڻتي نه ڪريو، ڊپ ۽ خدشن جو شڪار نه ٿيو، الله تعاليٰ تي يقين رکو ڇو ته هو هر شئي تي قادِر آهي.
واضح رهي ته اِهو پهريون ڀيرو ناهي پر ان کان اڳ به ثانيا مرزا پنهنجي پوسٽ ۽ اسٽوريز ذريعي پنهنجي مداحن ۽ چاهيندڙن کي نصحيت ڀريا پيغام ڏيندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.