اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پاڪستان ۾ 50 جديد ٽيڪنالاجي جا اسمارٽ اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
خابرو اداري موجب سمورا اسڪول اسلام آباد ۾ کوليا ويندا، 30 هزار گوگل فار ايجوڪيشن آءِ ڊيز تي ٻڌل اسڪولن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، بهتر تعاون ۽ پيداواري صلاحيت لاءِ ڊجيٽل ٽولز جهڙيون خصوصيتون شامل هونديون.
ان حوالي سان استادن جي ٽريننگ لاءِ خصوصي ورڪشاپ منعقد ڪيا ويندا.
گوگل فار ايجوڪيشن ٽيم جي سيڪريٽري تعليم سان ملاقات ڪئي ۽ حڪومت کي پاڪستان جي تعليمي شعبي لاءِ ايندڙ منصوبا پيش ڪيا.
You might also like