لاهور (ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اعلان کان اڳ پاڪستاني ٽيم ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽرز ۾ سخت مقابلو جاري آهي.
ذريعن موجب، گذريل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف جارحاڻي اننگز کيڏندڙ نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث ميگا ايونت ۾ سليڪٽرن جي نظرن کان اوجهل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ محمد رضوان، عثمان خان ۽ بيڪ اَپ طور حسيب الله کي موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، انجري جي شڪار اعظم خان جي شموليت جو فيصلو سندس ميڊيڪل رپورٽون اچڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.
You might also like