اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نگران حڪومتي دور ۾ غير ضروري خريد ڪيل ڪڻڪ جي جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ميمبر ميان مشتاق نگران دور ۾ ڪڻڪ خريداري جي جاچ ڪري وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندو.
حڪومت فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينيئر ميمبر مشتاق کي چيئرمين لڳائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.
ميان مشتاق جي ايف پي ايس سي ۾ 13 مهينا سروس باقي آهي، 15 ڪامن سان واسطو رکندڙ ميان مشتاق پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گريڊ 22 جو رٽائرڊ آفيسر آهي.
You might also like