واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته علائقائي سلامتي کي پيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جو گڏيل مفاد آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل بريفنگ ۾ چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا.
هن ٻڌايو ته سياسي معاملن بابت قائم مقام انڊر سيڪريٽري جوهن بس دوحا ۽ اسلام آباد ويندو، هو اسلام آباد ۾ سينيئر پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ڪندو ۽ ٻه طرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
علائقائي سلامتي کي پيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ اسان جو ۽ پاڪستان جو گڏيل مفاد آهي: آمريڪا
You might also like