اسلام آباد: چيڪنگ دوران فيملي کان نڪاح نامو طلب ڪرڻ تي ٻه پوليس آفيسر معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ چيڪنگ دوران فيملي کان نڪاح نامو طلب ڪرڻ تي ٻن پوليس آفيسرن کي معطل ڪيو ويو.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب عوامي شڪايتن جي عدم ازالي ۽ ناقص جاچ تي 5 پوليس آفيسر کاتي مان ڪڍيا ويا آهن.
ڊي آءِ جي آپريشنز چيو ته پوليس آفيسرن کي هر هر تنبيهه ڪئي وئي ته چيڪنگ دوران وات نه سِنگهيو وڃي ۽ نه نڪاح نامو طلب ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.