ورهين کان ڳايون پيا پر ”آئي آئي“ کانپوءِ سڃاڻپ ملي: بابر منگي، نعمان راڄپر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 15 جي پهرئين گاني ”آئي آئي” کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مشهور ٿيندڙ سنڌي فنڪارن چيو آهي ته ماڻهن پندرهن سالن بعد کين سڃاڻڻ شروع ڪيو آهي.
نعمان راجپر ۽ بابر منگي تازو ئي نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ پنهنجي ڪيريئر ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو تائين پهچڻ جي سفر تي احوال ڏنا.
ٻنهي فنڪارن موجب انهن کي ريپنگ ڪندي 10 کان 14 سال ٿي ويا پر کين شهرت هاڻ ملي آهي.
پروگرام ۾ ڳالهائيندي بابر منگي جو چوڻ هو ته ”آئي آئي“ رليز ٿيڻ بعد ٽيڪسي ڊرائيورن کان وٺي هوٽلن جا ملازم به سڃاڻڻ لڳا آهن ۽ شهرت حاصل ڪري بهتر محسوس ٿيندو آهي.
هن ٻڌايو ته خاندان جو اصل تعلق لاڙڪاڻي سان هو، پر بعد ۾ اهي سکر شفٽ ٿي ويا، زيبسٽ مان ميڊيا اسٽڊيز جي ڊگري ٿيل آهي.
سندس چوڻ هو ته شروع کان ئي فنڪاري جو شوق هو، ڪيتري ئي عرصي کان نعمان راجپر سان گڏجي ڪم ڪري ڪري رهيو هئس، ڪيترائي ماڻهو سڃاڻيندا به هئا پر ايتري شهرت نه هئي جيڪا هاڻ ملي آهي.
پروگرام ۾ ڳالهائيندي نعمان راجپر جو چوڻ هو ته اصل تعلق خيرپور سان آهي ۽ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪيل آهي، پر مان 14 سالن کان مسلسل ڳائيندو رهيو آهيان.
هن ٻڌايو ته ”آئي آئي“ رليز ٿيڻ بعد ماڻهن جا رويا ئي بدلجي ويا جيڪي پهريان بيڪار سمجهندا هئا اهي بعد ۾ مائٽ سڏائڻ لڳا.
نعمان چيو ته ڀلي ڳالهه آهي ته ”آئي آئي“ کانپوءِ ماڻهن عزت ڏيڻ ۽ آرٽ کي سمجهڻ شروع ڪيو آهي، پر ڪنهن کي به نظرانداز ڪرڻ جو حق ناهي، هنن ڪيترن ئي سالن بعد شهرت حاصل ڪئي ۽ جهٽ ۾ ئي سموري دنيا ۾ مشهور ٿي ويا.
ياد رهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 15 جي شروعات 14 اپريل تي سنڌي گاني ”آئي آئي“ سان ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.