”ڪراچي ۾ اٽو 800 رپيا ڪلو“ ڀارتي ميڊيا ڪوڙيون خبرون هلائي ڇڏيون

ڀارتي ميڊيا پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي قيمتن بابت غلط خبرون پکيڙڻ شروع ڪرڻ ڏنيون آهن ته پاڪستان ۾ اٽي جي قيمت 800 رپيا ڪلو تائين پهچي وئي آهي.
ڪيترن ئي ڀارتي اخبار، ويبسائيٽن ۽ ٽي وي چينلن خبرون نشر ڪندي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ حالتون سنگين ٿي ويون آهن ۽ ملڪ ۾ اٽي جو في ڪلو 800 رپين ۾ وڪامجي رهيو آهي.
مشهور ڀارتي اخبار هندستان ٽائمز به پنهنجي خبر ۾ نشرياتي اداري اين اين آءِ جي خبر جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جي صوبي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪڻڪ جو اٽو 800 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.
خبر ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان جون معاشي حالتون خراب ٿي چڪيون آهن ۽ مهانگائي سبب غربت به وڌي وئي آهي.
اهڙي ريت اي بي پي نيوز به پنهنجي هندي ٻولي واري ويبسائيٽ تي ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت 800 رپيا ٿيڻ جي ڪوڙي خبر شيئر ڪري دعويٰ ڪئي ته پاڪستان عوام ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي.
انڊيا ٽوڊي گروپ جي هندي ويبسائيٽ ”آج ڪل“ به پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت 800 رپين تائين پهچي وئي آهي.
رپورٽن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان پاڪستان ۾ اٽو 230 کان 250 رپين ۾ وڪامجي رهيو هو پر هاڻي اٽي جو اگهه وڌي 800 رپيا ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.