اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
محسن نقوي جي صدارت هيٺ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي اعليٰ اختيارين ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وفاقي گهرو وزير پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته گهٽ وسيلن باوجود ڪوسٽل گارڊز جي ڪارڪردگي بهترين آهي پر ڪوسٽل ايرياز مان سمگلنگ روڪڻ لاءِ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز کي وڌيڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
You might also like