ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم جون ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ سريلنڪن ڪرڪيٽرن کي بالنگ جا گڻ سيکاريندو.
وسيم اڪرم ٻن ڏينهن جي ٽريننگ پروگرام لاءِ سريلنڪا پهچي ويو آهي، ٽريننگ پروگرام دوران اڳوڻي ڪپتان جا سريلنڪن ڪرڪيٽرز سان پنج سيشن ٿيندا.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ موجب، وسيم اڪرم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ رڌل پليئرز سان به ملاقات ڪندو.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته وسيم اڪرم سريلنڪا ۾ پيس اڪيڊمي، هاءِ پرفارمنس سينٽر ۽ ڪلب ڪوچز جي به رهنمائي ڪندو.
You might also like