لکين واهپيدارن جي ڊيٽا چوري ڪري وڪرو ڪندڙ اڪائونٽ بند

سان فرانسسڪو(ويب ڊيسڪ) ميسيجنگ ايپليڪيشن ڊسڪورڊ پليٽ فارم تان لکين واهپيدارن جا ميسيجز حاصل ڪري وڪرو ڪندڙ ويبسائيٽ سان واسطو رکندڙ ڪيترائي اڪائونٽن تي پابندي هڻي ڇڏي.
خابرو اداري موجب هڪ ويبسائيٽ ڊسڪورڊ کان لکين واهپيدارن جا ميسيج ڪڍي وڪرو ڪري رهي هئي.
ڊسڪورڊ هڪ انتهائي مشهور گروپ چيٽنگ ايپ آهي، جنهن کي دراصل گيمرز لاءِ تيار ڪيو ويو، پر هاڻي هن ايپ کي وائيس چيٽ، وڊيو چيٽ ۽ لائيو اسٽريمنگ جهڙن ٻين صلاحيتن جي ڪري سموريون ڪميونٽيز جا ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن.
ويبسائيٽ بوٽس جو استعمال ڪري واهپيدارن جي ميسيجن ۽ ٻي ڊيٽا کي 14 هزار ڊسڪورڊ سرور وٽان چوري ڪندي هئي.
ڪوٽاڪو موجب مجموعي طور تي هن بوٽس ۾ 62 ڪروڙ جي ويجهو ڊسڪورڊ واهپيدارن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي، پر ڊسڪورڊ طرفان اعلان ڪيو ويو ته پليٽفارم جاچ بعد ان ويبسائيٽ سان لاڳاپيل ڪيترائي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.