حڪومت پيٽروليم اگهن ۾ لاٿ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ)  حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 45 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 42 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 74 پئسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 63 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.