ايڇ آر سي پي ۾ ڏار،اجلاس دوران جهيڙو

اسلام آباد(اعزاز سيد) پاڪستان ۾ مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن لاءِ آواز اٿاريندڙ انساني حقن واري ڪميشن(ايڇ آر سي پي) ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا، مئي ۾ 2023ع سال بابت انساني حقن جي رپورٽ به اچڻ واري آهي، عاصمه جهانگير ڪانفرنس کان اڳ 26 اپريل تي لاهور ۾  ايڇ آر سي پي جي آفيس ۾ عمومي ميمبرن جي اجلاس ۾ وڏو جهيڙو ٿي پيو، اجلاس جي صدارت چيئرپرسن اسد اقبال بٽ ۽ ڪو چيئرمين عاصمه جهانگير جي ڌيءُ منيزي جهانگير  ڪئي،ميمبر سينئر صحافي حسين نقي منيزي جهانگير تي اعتراض واريا، منيزي جهانگير اداري جي رڪنيت جي آڊٽ ڪرائڻ جي خواهشمند هئي، حسين نقي ۽ سندس ساٿين جا ان ڳالهه تي اختلاف ٿيا ته آڊٽ ڪنهن کان ڪرائجي، ٻئي گروپ چاهين پيا ته آڊٽ سندن نامزد ڪيل اڳواڻن کان ڪرائي وڃي، منيزي جهانگير تي الزام آهي ته هوءَ تڪڙ ۾ ڪم ڪرائڻ چاهي ٿي، اجلاس ۾ افراسياب خٽڪ،احمد رشيد،غازي صلاح الدين،فرحت الله بابر به ويٺل هئا.

نوٽ: اعزاز سيد جو هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 01 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.