ايف بي آر پنج لک کان وڌيڪ ماڻهن جون سمون بند ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف بي آر ٽئڪس ادا نه ڪندڙ 5 لک 6 هزار 671 ماڻهن جون سمون بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن ٽئڪس ڏيڻ جي لائق هوندي به ٽئڪس ادا نه ڪئي.
نوٽيفڪيشن موجب بلاڪ ڪيل موبائل سِمون تيستائين بلاڪ رهنديون، جيستائين ايف بي آر يا ڪمشنر ان لينڊ طرفان بحال نه ٿينديون.
ايف بي آر ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي اي ۽ سمورا ٽيلي ڪام آپريٽر حڪم تي عمل يقيني بڻائن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته عمل بعد ايف بي آر کي 15 مئي تائين رپورٽ ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.