ڊيرا غازي خان( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي خان پوليس جي جوانن چيڪ پوسٽ تي دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائي ڇڏي.
پوليس موجب، ڊيرا غازي خان ۾ جهنگي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن رات دير سان حملو ڪيو هو جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو.
ريجنل پوليس آفيسر سجا حسن چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ ست پوليس اهلڪار جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
آر پي او موجب، جهنگي چيڪ پوسٽ تونسا واري علائقي ۾ خيبرپختونخوا-پنجاب بارڊر تي قائم آهي، دهشتگرد چيڪ پوسٽ قبضو ڪرڻ چاهين پيا.
You might also like