اڄ شڪاگو جي شهيدن جو ڏهاڙو، پاڪستان ۾ پورهيت مسئلن جو شڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ اڄ عام موڪل هوندي به پورهيت اڄ به ڪم ۾ رڌل آهن.
پورهيتن جي ڏهاڙي تي انٽرنيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ گوگل پنهنجو ڊوڊل به تبديل ڪيو ڪري ڇڏيو آهي.
پهرين مئي 1886ع تي آمريڪي شهر شڪاگو جا پورهيت سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي استحصال خلاف روڊن تي نڪري آيا هئا، پر پوليس جلوس تي فائرنگ ڪري سوين پورهيتن کي قتل ۽ زخمي ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڪيترن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي.
شڪاگو جي پورهيت سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پهرين مئي تي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.
پاڪستان ۾ پورهيتن جو ڏهاڙو قومي سطح تي ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ ٿي.
پورهيتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن.

صدر ۽ وزيراعظم پاران پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پورهيتن کي تاريخي جدوجهد تي ڀيٽا پيش
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پورهيتن کي تاريخي جدوجهد تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پورهيتن کي مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙا چئلينجز آهن، پورهيتن جي استحصال جي خاتمي لاءِ پاليسين تي عمل ۾ رياست جو اهم ڪردار آهي، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پورهيتن جي حق لاءِ ڪردار ادا ڪنديون.
سندس چوڻ هو ته اڄوڪي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو پيو وڃي، هن سال پورهيتن جي عالمي ڏينهن جو عنوان موسمياتي تبديلين دوران ڪم جي جاءِ تي سلامتي ۽ صحت کي يقيني بڻايو وڃي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي کي مهانگائي، زندگي جي ضرورت واري شين جي وڌندڙ اگهن، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن جهڙا چئلينج آهن.
هن چيو ته پورهيت طبقي جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ مناسب اجورو، ڪم لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولت ۽ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم جي سهولت جي فراهمي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته استحصالي طريقن جي خاتمي ۽ مزدون لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ پورهيت ۽ مزدور طبقي لاءِ هڪ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪن جتي سندن قدر ۽ عزت ڪئي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته پورهيت پاڪستان جي ترقي لاءِ سخت محنت ڪندا آهن، مهانگائي پورهيت طبقي کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، پورهيتن جي حقن بابت جلد قومي ليبر ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي.
سندس چوڻ هو ته معيشيت جي بحالي لاءِ مستقل مزاجي سان محنت ڪرڻي پوندي، فني ۽ پيشوراڻي مهارت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منصوبا شروع ڪيا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته کين اميد آهي ته مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي موجوده رجحان جي نتيجي ۾ معاشي سرگرميون وڌيڪ وڌنديون ۽ روزگار جي موقعا پيدا ٿيندا جنهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هنرمند ۽ باصلاحيت ماڻهن جي ضرورت پوندي، حڪومت نوجوانن جي پيشوراڻي مهارتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪري چڪي آهي.…………

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.