پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 719 ارب رپين جي رڪارڊ اوڳاڙي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال دوران شهرين کان پيٽروليم ليوي جي تاريخي اڳاڙي ڪئي آهي ۽ جولاءِ کان مارچ دوران سالياني پيٽروليم ليوي جي وصولي ۾ لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾  انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ رڪارڊ 719 ارب 56 ڪروڙ رپيا گڏ ڪيا ويا، جڏهن ته ان ئي عرصي ۾ گذريل سال 362 ارب 48 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا هئا.

ذريعن موجب هلندڙ مالي سال لاءِ پيٽروليم ليوي جي اڳاڙين جو ٽارگيٽ 869 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف هن  سال 918 ارب رپيا ليوي  وصول ڪرڻ جو اندازو لڳايو آهي. جڏهن ته گذريل مالي سال پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 580 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.