ايجنسين کي مداخلت جو موقعو اسان پاڻ ڏيون ٿا: چيف جسٽس\رياست ئي عدليه جي مخالفت ڪري ٿي: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ، عدليه جي معاملن ۾ ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي وفاقي حڪومت، آءِ ايس آءِ، ملٽري انٽيليجنس ۽ انٽيليجنس بيورو کان هاءِ ڪورٽن جي مداخلت روڪڻ جي تجويزن تي جواب طلب ڪري ورتو. ايندڙ ٻڌڻي تي ڳجهن ادارن کان تفصيلي جواب طلب ڪيو ويو آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس  قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 6 رڪني بئنچ معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان بئنچ جو حصو آهن، جڏهن ته حڪومت طرفان اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ دليل ڏنا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ڪجهه ماڻهو خاموشي سان عدليه جي آزادي لاءِ وڙهندا رهيا پر هاڻي اهڙا ماڻهو غائب ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ججن جي مقرري لاءِ جڏهن ڳجهن ادارن کان رپورٽ طلب ڪندا آهيون ته اسان کين مداخلت جو موقعو ڏيندا آهيون. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن مانيٽرنگ جج مقرر ڪندا ۽ جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪندا ته کين مداخلت جو موقعو ملندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته طئي ڪري ڇڏيو اسان ڪنهن سياسي طاقت، حڪومت يا حساس اداري هٿان استعمال نه ٿينداسين. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون تجويزون پڙهي ٻڌايون، چيف جسٽس پڇيو ته ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جي دائري ۾ نه ٿيون اچن، سڀني هاءِ ڪورٽن کان تجويزون گهريون آهن. چيف جسٽس چيو ته اسان ڪنڊڪٽ سان ڏيکارينداسين ته مداخلت آهي يا نه، ججن جو حڪم نامو ڏيکاري ٿو، ٻڌائي ٿو ته ڪيتري مداخلت ٿي آهي ۽ ڪيتري آزادي آهي ڪيتري ناهي، اسان نٿا سمجهون ته مداخلت جو معاملو سنجيدگي سان نٿا وٺون. جسٽس اطهر من الله چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ان ڳالهه کي مڃيو آهي، جيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چئي، جسٽس منصور علي شاهه چيو اسان وٽ موقعو آهي ته ان معاملي کي حل ڪيون، اسان کي هاءِ ڪورٽن ۽ عدليا کي بااختيار بڻائڻو آهي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اها رڳو مداخلت ناهي پر اسان جي ججن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، اسان نوٽيس ورتو اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو اسان کي مداخلت سامهون رنڊڪ بيهارڻي پوندي. چيف جسٽس چيو جيڪڏهن منهنجي ڪم ۾ مداخلت ٿئي ۽ نه روڪي سگهان ته مون کي گهر وڃڻ گهرجي، جسٽس اطهر من الله چيو رياست کي عدليا جي آزادي جو تحفظ ڪرڻو آهي، مان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رهيس ڪنهن مداخلت نه ڪئي، جسٽس بابر ستار سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سامهون آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ملڪ ۾ ٽي ايجنسيون آهن اهي ڪهڙي قانون تحت ڪم ڪنديون آهن؟ آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ڪهڙي قانون تحت ٺهيون، ايندڙ ٻڌڻي تي ٽنهي ايجنسين جا قانون ٻڌايا وڃن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته منهنجي چيف جسٽس بڻجڻ کانپوءِ هڪ به شڪايت منهنجي رجسٽرار آفيس ۾ نه آئي ۽ اسان ماضي جي شڪايتن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، اسان کي واقعا ٻڌايو، مان ڪيترن ئي واقعن ۾ ٻڌائي سگهان ٿو جڏهن مداخلت ٿي، طئي ڪري ڇڏيو ته اسان ڪنهن سياسي طاقت، حساس اداري، وڪيل گروپ يا حڪومت هٿان استعمال نه ٿينداسين. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته انٽيليجنس اداري ڪجهه ڪن ٿا ته ان جو ذميوار وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا آهي. ٻڌڻي دوران بينچ جي ميمبر جسٽس اطهر من الله اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن (اٽارني جنرل) وزيراعظم ۽ چيف جسٽس سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ الزام هنيو ته 6 ججن ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي. ان تي اٽارني جنرل وضاحت ڪئي ته پريس ڪانفرنس ۾ جيڪڏهن هن 6 ججن جي خط کي غلط قرار ڏنو ته اهو غلط آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن سڀ ڪجهه ميڊيا ۾ هلي رهيو آهي ته ان کي به پڌرو ڪريون ٿا، ڇا هاءِ ڪورٽ پاڻ ئي ذڪر ڪيل نقطن تي آئين موجب قدم نه کڻي سگهي ٿي؟ عدالت جي ان سوال تي اٽارني جنرل چيو ته هاءِ ڪورٽ ان تي پنهنجو قدم کڻي سگهي ٿي. بئنچ ۾ شامل جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته جسٽس اعجاز اسحاق به تجويزن سان گڏ اضافي نوٽ موڪليو آهي. جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته توهان به جسٽس اعجاز جو اضافي نوٽ پڙهو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اهي ڪهڙا نقطا آهن جن تي هاءِ ڪورٽ پاڻ ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي؟ اٽارني جنرل چيو ته هاءِ ڪورٽ پاڻ ئي سمورن نقطن تي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پوءِ ڇا سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽن کي هدايتون ڏئي سگهي ٿي. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي موڪليل تجويزن کي ساراهڻ گهرجي، جيڪڏهن جواب نه آيو ته جج به بي خوف نه ٿيندا، اسان کي ڏسڻو آهي ته هاءِ ڪورٽ جا جج ڪهڙي ڳالهه کي اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته توهان جسٽس اعجاز جو نوٽ پڙهو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي هاءِ ڪورٽن جي سفارشن تائين محدود رهڻ گهرجي  هر ڪنهن جي موڪليل شين تي نه. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل ججز کي ساراهيو ته ان کي رڪارڊ تي پڙهو، جج ڇا چئي رهيا آهن مداخلت جاري مسئلو آهي. اٽارني جنرل پشاور هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل تجويزون پڙهي ٻڌائيندي چيو ته جيڪڏهن فيض آباد ڌرڻي بابت عدالتي فيصلي تي عمل ٿئي ها ته عدالتي معاملن ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت ختم ٿي وڃي ها. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني اپيلون 4 سالن کان ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيون ويون. هن چيو ته آءِ ايس آءِ کان علاوه ان وقت جي حڪومت ۽ سياسي پارٽيون به شامل آهن جن عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني اپيلون داخل ڪيون. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ان فيصلي ۾ چيو ويو ته فيض حميد ان جو ذميوار آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هو پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن پارليامينٽ مضبوط نه ٿيندي ته ٻيون طاقتون مضبوط ٿينديون. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته سچ ڇا آهي پر ڪنهن کي ڳالهائڻ جي جرئت ناهي. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جج ۾ دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي جرئت ناهي ته کيس جج ٿيڻ جو ڪو حق ناهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان به اهو ئي ٿئي ٿو، جيڪو اڄ 6 ججن سان ٿي رهيو آهي جن آواز اٿاريو. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن عدالت ان حوالي سان هاءِ ڪورٽن کي ڪا هدايت ڏيندي ته ڇا مداخلت ڪندي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته توهين عدالت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار هاءِ ڪورٽن کي آهي. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججن کان ان حوالي سان ڪا تجويز ناهي آئي، هنن چيو ته هنن ڪجهه به چوڻ کانسواءِ سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو، جنهن جو مطلب آهي عدالتي معاملن ۾ مداخلت آهي. ان تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هر ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ مناسب ناهي، هن چيو ته هو چار سال بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهيو آهي، ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته معاملو تڏهن سنجيده ٿي ويندو آهي جڏهن رياست ججن کي نشانو بڻائيندي آهي. هن چيو ته ’لڳي ٿو ته رياست ججن خلاف احتجاج ڪري رهي آهي. هن چيو ته گذريل 75 سالن کان اهو ٿي رهيو آهي ته عدالتي معاملن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي ۽ هاءِ ڪورٽن به پنهنجي تجويزن ۾ ان جي تصديق ڪري چڪي آهي. جسٽس اطهر من الله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار جو نالو وٺڻ کانسواءِ رمارڪس ڏيندي چيو ته هن جج جو ذاتي بائيو ڊيٽا سوشل ميڊيا تي ان ڪري لڳايو ويو ته هو آزاد سوچ رکندڙ جج آهي ۽ مٿس دٻاءُ نٿو اچي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هر جج جو نقطه نظر اهم هوندو آهي، ان معاملي تي جوڙيل ڪميٽي فيصلو ڪيو هو ته اسلام آباد ۾ موجود ججن کي عدالت ۾ طلب ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ٻڌڻي کان اڳ ڪجهه شيون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته ٻن ججن سبب فل ڪورٽ نه ٿي گهري سگهي.  مون نشاندهي ڪئي هئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي فل ڪورٽ ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو هن عدالت تي پنهنجي مرضي مسلط ڪرڻ چاهي ٿو ته اها به مداخلت آهي، مداخلت اندر کان به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻاهر کان به ٿي سگهي ٿي.جسٽس اطهر من الله چيو ته جج جڏهن ڳالهائي ٿو ته ان خلاف بدنامي جي مهم هلائي وڃي ٿي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي بابت ايڏو وڏو فيصلو آيو، حڪومت ڇا ڪيو؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته ڪيترائي اڳوڻا جج به ان ۾ ملوث آهن. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن اڳوڻو چيف جسٽس به ملوث آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ڪو جج سچ ڳالهائي ٿو ته ان خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي ٿو . جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ڇڏي ڏيو، اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته 2018ع ۾ اسان تي تنقيد ڪئي وئي پر اسان ڪڏهن به ان تي ڪجهه نه چيو ته ججن جو ڊيٽا جيڪو سرڪاري ادارن نادرا ۽ اميگريشن کاتي وٽ آهي ليڪ ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.