ڪوليسٽرول وڌڻ تي جسم ڪهڙا 10 سگنل ڏيندو آهي؟ فوري طور الرٽ ٿي وڃو

اڄوڪي دور ۾ جسم ۾ خراب ڪوليسٽرول جو وڌڻ هڪ عام مسئلو بڻجي ويو آهي، اهو مسئلو سڄي دنيا ۾ تقريبن هر عمر جي ماڻهن ۾ تيزي سان پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي، جنهن جو سبب ورزش نه ڪرڻ ۽ غير متوازن غذا کي قرار ڏنو پيو وڃي.
ماهرن موجب هاءِ ڪوليسٽرول انسان کي خاموشي سان قتل ڪري رهيو آهي، ڪوليسٽرول سبب ٿولهه ٿيندي آهي ۽ دل جي مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته طرز زندگي ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۾ تبديلي آندي وڃي، اسان توهان کي هن خبر ذريعي ٻڌائينداسين ته ڪوليسٽرول جون 10 علامتون ڪهڙيون آهن؟
1. سيني ۾ سور، خاص طور ورزش ڪرڻ وقت
2. ڄنگهن ۾ سور، خاص طور گهڻو بيهڻ يا پنڌ ڪرڻ سان
3. جلد تي پيلا نشان ٿيڻ
4. چڪر اچڻ
5. ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي
6. هر وقت ٿڪاوٽ جو احساس ٿيڻ
7. کاڌي کانپوءِ پيٽ ڦوڪجڻ
8. اوچتو توازن وڃائڻ
9. ڄاڙي ۾ سور
10. ڪنڌ جي پوئين حصي ۾ سور

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.